خزينة الاوراد وظائف ۽ معمولات

خزينة الاوراد وظائف ۽ معمولات (ڪتاب): هي ڪتاب حافظ عبدالقيوم سڪندري مهر ترتيب ڏنو آهي. هي ڪتاب درگاهه شريف پير پاڳارا جي ڇهن سجاده نشين بزرگن جي انهن ورد ۽ وظيفن تي مبني آهي، جيڪي سندن روزانه جي بنياد تي معمول هُئا. انهن بزرگن ۾ موجوده پير سائين پاڳارا جا معمولات ۽ وظائف به شامل آهن. ڪتاب جي شروعات ۾ ورد وظائف پڙهڻ لاءِ خاص هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ آخر ۾ شجرا، ختم قادريه ۽ ختم خواجگان نقشبنديه جو طريقو ٻڌايو ويو آهي. چار رنگي ٽائيٽل، ڪچي جلد ۽ 119 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ’سڪندريه اڪيڊمي‘ مدرسھ صبغة الاسلام سوندر- ٿر طرفان رجب 1430هه/ جولاءِ 2009ع ۾ شايع ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو